(Translated by https://www.hiragana.jp/)
آغا صوفي - وڪيپيڊيا مواد ڏانھن هلو

آغا صوفي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آغا غلام نبي ”صوفي“ ولد آغا گل حسن سيپٽمبر 1889ع ۾ شڪارپور جي دراني قبيلي ۾ پيدا ٿيو. هو مشهور شاعر ڊرامه نويس، علم حڪمت ۽ تصوف جو ڄاڻو ۽ سچل سرمست جو سوانح نگار ٿي گذريو آهي. آغا صوفي سچل سائينيءَ جو رسالو ترتيب ڏئي ڇپايو هو، جنهن ۾ سچل سائينءَ جي سوانح تفصيل سان ڏنل آهي، هن رسالي ۾ ڪافيون ٿوريون شامل ڪيل آهن پر بيتن جو وڏو تعداد آهي. آغا صوفي مئٽرڪ جو امتحان سنڌ مدرسة -الاسلام- ڪراچي مان پاس ڪري اچي خيرپور ميرس ۾ پنهنجي والد سان گڏ رهڻ لڳو، جتي سندس والد ان وقت رياست جو نائب وزير هو. آغا صوفي ننڍپڻ کان شاعراڻي طبيعت جو مالڪ هو. شروع ۾سندس تخلص ”دراني“ پوءِ ”صوفي“ ۽ ڪٿي ”نانڪ“ ۽ ڪٿي وري ”آغا“ به استعمال ڪيو اٿس. هن حڪمت تي ڪتاب لکيا، جن مان ”طبي جواهر“ جيڪو شعر ۾ لکيل آهي، گهڻو مشهور آهي. ان کان علاوه ”مناجات قرآن“ ۽ ڊرامي جي تاريخ بابت ”تاريخ ڊراما“ به لکيائين ۽ ”سچل سرمست“ نالي به هڪ ڪتاب لکيل اٿس، هي صاحب 11 جولاءِ 1938ع تي وفات ڪري ويو.[1]

حوالا

[سنواريو]