(Translated by https://www.hiragana.jp/)
بندرگاھ - وڪيپيڊيا مواد ڏانھن هلو

بندرگاھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پورٽ آف نيويارڪ ۽ نيوجرسي جو اصل نيويارڪ ھاربر ھڊسن درياء ۽ اوڀر واري درياء جي سنگم تي واقع آهي
'1638 جو سامونڊي بندرگاهه جو پورٽريٽ

بندرگاھ (انگريزي: port) سامونڊي يا پاڻي جي جهازن کي وصول ڪرڻ ۽ کيپ کي موڪلڻ جي سهولت مهيا ڪندڙ جڳه کي چئبو آهي. بندرگاه عام طور تي سمنڊ، درياه يا ڍنڍ جي ڪناري هوندو آهي. هتي کيپ جي لاء ضروري سامان ۽ آلا موجود هوندا آهن، جتي ھڪ يا ھڪ کان وڌيڪَ سامان لاھڻ۽ چاڙھڻ جا گھاٽ (wharf) ھوندا آھن ۽ جتان مسافر پڻ ٻيڙن يا بحري جهازن م لھندا چڙھندا آھن. ڪي بندرگاھون سمنڊ کان پري درياھن ۽ ڪينالن ذريعي سمنڊ سان ڳنڍيل ھونديون آھن جھڙوڪ: پورٽ آف ھئمبرگ، پورٽ آف مانچسٽر ۽ ڏولٿ (Duluth) جي بندرگاهه. دنيا ۾ موجوده دؤر جون مصروف ترين بندرگاھون: پورٽ آف سنگاپور ۽ چين جون بندرگاھون پورٽ آف شنگھائي ۽ نينگبو جوشان (Ningbo-Zhoushan) آھن.

بندرگاھن جي شروعات دنيا م قديم زماني کان ٿي ھئي. مصنوعي بندرگاھن م دنيا جي قديم ترين بندرگاھن ۾ وادي الجراف وارو بندر بہ ھڪ آھي جيڪو ڳاڙھي سمنڊ تي واقع ھيو.[1]

حوالا

[سنواريو]