(Translated by https://www.hiragana.jp/)
زراعت - وڪيپيڊيا مواد ڏانھن هلو

زراعت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

زراعت (Agriculture) معيشت جو اهو شعبو آهي جنهن جو تعلق زمين مان پيداوا حاصل ڪرڻ آهي، جيئن ڪپهه، ڪڻڪ، ڪمند وغيره جي پيداوار. زراعت ذريعي فصل پوکڻ لاء زمين تي کيتي ۽ چوپائي مال جي افزائش ڪئي ويندي آهي

ڪمبائن ھارويسٽر ٽريڪٽر۽ ٽرالي سان گڏوگڏ ھلندي ڪڻڪ ڀريندي

زراعت ٻوٽا پوکڻ ۽ چوپائي مال جي افزائش جي سائنس ۽ آرٽ جو نالو آهي.[1] زراعت انساني تھذيب جي آغاز ۾ اھم ڪردار ڪيو. ان جي مدد سان کاڌن جي جنسن جي پوکي سان ملندڙ واڌو پيداوار ماڻھن جي شھرن ۾ رھڻ کي آسان بڻائي ڇڏيو. انسان اٽڪل 105000 سال اڳ ٻيلن يا جھنگ مان اناج ميڙي گھرن ۾ رکڻ جي شروعات ڪئي ۽ 11500 سال اڳ ان جي ٻجن کي پوکڻ سکيو.


نالا

[سنواريو]

زراعت کي انگريزي ۾ ايگريڪلچر چون ٿا جيڪو لاطيني ٻولي جي لفظ ايگريڪلچرا (agricultūra) مان نڪتل آهي. جيڪو اصل ۾ ٻن يوناني لفظن اگير (ager) جنھن جي معني آهي زمين۽ ڪلچرا (cultūra) جنھن جي معني آهي پوکي .[2] زمين تي پوکي انسان سان گڏ جاندارن ذريعي پڻ ٿيندي آهي.

هڪ ڀارتي هارياڻي ٻني ۾ ڪم ڪندي

تاریخ

[