(Translated by https://www.hiragana.jp/)
صحيح بخاري - وڪيپيڊيا مواد ڏانھن هلو

صحيح بخاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
صحيح بخاري

صحيح بخاري هڪ حديث جو ڪتاب آهي جنهن جو ترتيب ڪندڙ امام بخاري آهي.هن ڪتاب کي قرآن کان پوءِ دنيا ۾ صحيح مڃيو وڃي ٿو ۽ هن ڪتاب جو شمار صحاح سته ۾ ٿيئي ٿو.[1]

ڪتاب ء حديثون[سنواريو]

حديثون[سنواريو]

صحيح بخاري ۾ ست هزار پنج سو ٽي اٺ حديثون آهن.

ڪتاب[سنواريو]

صحيح بخاري ۾ ستانوي ڪتاب آهن جنهن کي گڏ ڪري ڪل 9 جلدون ٺاهيا ويا آهن.[1]

حديثون گڏ ڪرڻ جو طريقو[سنواريو]

اما بخاري ڪا به حديث ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ کان پهرين هي شرط رکيا

  • سڀ حديث بيان ڪرڻ وارا سچا هجن.
  • حديث بيان ڪرڻ وارن جو حافظو تکو هجي ء ڪا به ڳالهه نه ڀليل هجين.
  • حديث بيان ڪندڙن جي ڪا به ڪڙي گهٽ نه هجي ۽ سڌو سلسلو صحابي تائين وڃي ملي.[2]


صحيح بخاري اهل حديث جي نظر ۾[سنواريو]

صحيح بخاري شيعن جي نظر ۾[سنواريو]

شيعا صحيح بخاري جي متعلق ڪافي سخت عقيدو رکن ٿا انهن جي مطابق صحيح بخاري ۾ ڪجهه اهڙيون حديثون آهن جيڪي صفا ڪمزور ء انهن جا راوي پڻ غلط آهن مير مراد علي خان لکي ٿو ته[3]

  • اصحابين جي فضيلت وڌائڻ لاءِ بنو اميه ڪوڙيون حديثون سندن حڪومتن ۾ جاري ڪيون جيڪي صحيح بخاري ۾ شامل آهن.
  • پاڻ حضرت محمد صلي الله علي وآله وسلم جو نماز جي دوران رڪعتون ڀلجڻ.
  • پاڻ حضرت محمد صلي الله علي وآله وسلم جو قرآن مجيد کي وسارڻ ۽ صحابي جو ياد ڏيارڻ.