ھوسٽن
ھوسٽن، ٽيڪساس | |||
---|---|---|---|
شھر | |||
سٽي آف ھوسٽن | |||
مٿان کان ھيٺ، کاٻي کان ساڄي: '''ڊائون ٽائون ھوسٽن''', '''سام ھوسٽن مونيومينٽ''' , '''ٽيڪساس ميڊيڪل سينٽر''', '''اپٽائون ھوسٽن''', '''جانسن اسپيس سينٽر''', '''ميوزيم آف فائين آرٽس''', '''بفيلو بييو''' | |||
| |||
عرفيت: خلائي شھر (سرڪاري), more ... | |||
ھيرس ڪائونٽيءَ اندر ۽ آسپاس بيھڪ | |||
جاگرافي بيهڪ: 29°45′46″N 95°22′59″W / 29.76278°N 95.38306°W | |||
ملڪ | آمريڪا جون گڏيل رياستون | ||
رياست | ٽيڪساس | ||
ڪائونٽيز | ھيرس ڪائونٽي، فورٽ بينڊ، مينٽگوميري | ||
شھري درجو ملڻ جي تاريخ | 5 جون 1837ع | ||
نالو پيو | سام ھوسٽن | ||
حڪومت | |||
• قسم | اسٽرانگ ميئر ڪائونسل | ||
• مجلس | ھوسٽن سٽي ڪائونسل | ||
• ميئر | Sylvester Turner (D) | ||
پکيڙ | |||
• شھر | 671.67 ميل2 (1,739.62 ڪ.م2) | ||
• زميني | 640.44 ميل2 (1,658.73 ڪ.م2) | ||
• آبي | 31.23 ميل2 (80.89 ڪ.م2) | ||
بلندي | 80 ft (32 ميل) | ||
آبادي (2020) | |||
• شھر | 2,304,580 |
ھوسٽن (انگريزي:Houston) آمريڪي رياست ٽيڪساس جو آباديءَ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو شھر ۽ آمريڪا جي گڏيل رياستن جو آباديءَ جي لحاظ کان چوٿون نمبر وڏو شھر آھي. 2020ع جي انگن اکرن موجب ھن شھر جي آدمشماري 2340580 آھي[1]. ھي اتر آمريڪا کنڊ جو ڇھون وڏو شھر آھي. ھي شھر ڏکڻ اوڀر ٽيڪساس ۾ گيلويسٽن بي (Galveston Bay) ۽ ميڪسيڪو نار (Gulf of Mexico) جي ويجھو آباد آھي. شھر جي ڪل پکيڙ 1651 چورس ڪلوميٽر (637.4 چورس ميل) آھي[2]. شھر جو گھڻو حصو ھيرس ڪائونٽي (Harris County) ۾ شامل آھي پر ڪجهه حصا فورٽ بينڊ (Fort Bend) ۽ مونٽگوميري (Montgomery) ڪائونٽيس ۾ شامل آھن.
ھوسٽن جي شھر جو بنياد 30 آگسٽ 1836ع ۾ پيو[3]. ھن شھر جو نالو ريپبلڪ آف ٽيڪساس جي صدر سام ھوسٽن (Sam Houston) جي نالي پٺيان پيو[4]. سام ھوسٽن ٽيڪساس کي ميڪسيڪو کان ازاد ڪرايو ھو. ھي شھر ڪجهه عرصي تائين ريپبلڪ آف ٽيڪساس جي گاديءَ جو ھنڌ پڻ رھيو. ويھين صدي عيسويءَ ۾ ھن شھر تيزيءَ سان ترقي ڪئي. ھتي ٽيڪساس جو ميڊيڪل سينٽر، ناسا جو جانسن اسپيس سينٽر ۽ مشن ڪنٽرول سينٽر قائم ٿيا جيڪي ھن شھر جي وڌيڪ ترقيءَ جو باعث بنيا. ان سان گڏوگڏ ھوسٽن شپ سينٽر (Houston Ship Center) قائم ٿيڻ ۽ ٽيڪساس ۾ تيل جا ذخيرا ھٿ اچڻ سبب ھتي وڏي ترقي ٿي[5].
اوڻويھين صدي عيسويءَ ۾ ھتي ڪيتريون ئي صنعتون قائم ٿيون جن ۾ توانائي، مينوفيڪچرنگ، ھوابازي ۽ ٽرانسپورٽيشن شامل ھيون. ھتان جو بندرگاھ آمريڪا جي وڏن بندرگاھن ۾ شمار ٿئي ٿو. ھن شھر کي ”خلائي شھر“ بہ ڪوٺيو وڃي ٿو. ھي شھر پنھنجي ثقافت، علاج جي سھوليتن ۽ کوجنا جي ميدان ۾ ڪيترن ئي ٻين شھرن کان گوءِ کڻي ويو آھي. ھي ٽيڪساس جو اھو شھر آھي جتي ھر رنگ ۽ نسل جا ماڻھو آباد آھن. ھن شھر جي سونھن ۽ ثقافت کي ڏسڻ لاءِ ھر سال لڳڀڳ ست لک سياح ھتي گھمڻ اچن ٿا. ھتان جي ميوزيم ڊسٽرڪٽ ۾ 19 عجائب گھر شامل آھن جيڪي ھتي آباد مختلف نسلن جي رھڻي ڪرڻي، ثقافت ۽ تاريخ کي بھترين طريقي سان اجاگر ڪن ٿا. ھن شھر جي ٿيٽر ڊسٽرڪٽ ۾ سڄو سال فن ۽ آرٽ جي نمائندگي ٿيندي رھي ٿي.
تاريخ
[سنواريو]يورپي لوڪن جي ھن علائقي ۾ اچڻ کان اٽڪل 2000 سال پھرين ھتي اصلوڪن آمريڪي لوڪن جا ڪارنگڪاوا (Karankawa) ۽ اتاڪاپا (Atakapa) قبيلا آباد ھئا[4]. ھي قبيلا بيمارين ۽ ھڪٻئي سان جھڳڙن جي ڪري نيست و نابود ٿي ويا. جڏھن يورپي ھتي پھتا تہ انھن پراڻن قبيلن جا فقط ڪي چند ڪٽنب ھتي آباد ھئا[6]. اسپين کان آيل سياح Alvar Núñez Cabeza de Vaca ۽ سندس ڪجهه ساٿي پھريان يورپي ھئا جن ھن علائقي تائين رسائي حاصل ڪئي. البت آگسٽس چيپمين (Augustus Chapman) ۽ جان ڪربي (John Kirby) پھريان يورپي ھئا جن ھن علائقي کي ترقي وٺرائي. ھو پاڻ ۾ ڀائر ھئا ۽ ھنن کي ئي تاريخ ۾ ھوسٽن جو پايو وجھندڙ مڃيو وڃي ٿو[7]. ھنن جي ئي رٿ تي ھوسٽن نالو تجويز ٿيو ۽ انھيءَ کي ريپبلڪ آف ٽيڪساس جو عارضي طور گاديءَ جو ھنڌ بنايو ويو[4].
1839ع ۾ ھوسٽن بجاءِ آسٽن (Austin) کي ريپبلڪ آف ٽيڪساس جي گاديءَ جو ھنڌ بنايو ويو. انھن ئي ڏينھن ۾ ھتي پيلي بخار جي وبا ۾ ڪافي ماڻھو فوت ٿيا. انھن سببن جي ڪري ھتان جي معيشيت کي وقتي طور تي نقصان پھتو. انھن ئي ڏينھن ۾ آفريقا مان غلام بنايل ھزارين شيدين کي ھتي آندو ويو. ھنن غلامن جا مالڪ ھنن کان شھر جي ٻاھران ڪمند ۽ ڪپھ جي پوکائيءَ جو ڪم وٺندا ھئا[8]. اھي غلام پنھنجن مالڪن جي گھرن جو ڪم ڪار بہ ڪندا ھئا. ھنن غلامن جي محنت سان ھن شھر جي معيشيت کي ڪافي ھٿي ملي. 1840ع ۾ ھتي چيمبر آف ڪامرس جو بنياد رکيو ويو جنھن ھتي گيلويسٽن بندرگاھ کي ترقي وٺرائي[9]. 1860ع تائين ھن شھر ڪپھ جي پيداوار ۾ وڏي ساک حاصل ڪري ورتي جنھن ڪري ھتان جي معيشيت کي وڏو فائدو رسيو. 1890ع ۾ ھي ٽيڪساس ريلوي جو مرڪز بنجي ويو.
1900ع ۾ ھڪ خطرناڪ سامونڊي طوفان گيلويسٽن بندرگاھ کي ڪافي نقصان پھچايو ۽ ھوسٽن جي ڀر ۾ ھڪ نئون بندرگاھ تعمير ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي. 1901ع ۾ ٽيڪساس رياست ۾ تيل جا وڏا ذخيرا ھٿ آيا جن پيٽروليم جي صنعت کي ترقيءَ جي آسمان تي پھچائي ڇڏيو. ھتان جي آبادي 78800 ٿي وئي جنھن ۾ 23929 آفريقي آمريڪي شامل ھئا. 1914ع ۾ ھوسٽن جي بندرگاھ جو افتتاح ٿيو. 1930ع تائين ھي ٽيڪساس رياست جو آباديءَ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو شھر بنجي ويو ۽ ھيرس ڪائونٽي (Harris County) رياست جي سڀ کان وڌيڪ آباديءَ واري ڪائونٽي بنجي وئِي. 1940ع واري آدمشماريءَ مطابق ھتي 77.5 سيڪڙو اڇي چمڙيءَ وارا ۽ 22.4 سيڪڙو ڪاري چمڙيءَ وارا شيدي آباد ھئا.
ٻي عالمگير جنگ ۾ جيتوڻيڪ ھوسٽن بندرگاھ تي بحري جھازن جي اچ وڃ ۾ گھٽتائي آئي پر رٻڙ جي پيداوار ۾ واڌارو آيو. پھرين عالمگير جنگ دوران قائم ٿيل فوجين جي سکيا واري اداري کي ترقي وٺرائي وئي ۽ آمريڪي بحري فوج لاء سامونڊي جھاز ٺاھڻ جي ڪمپني قائم ڪئي وئي. ڪيترائي نوان مزدور ۽ واپاري بھتر روزگار لاءِ ھن شھر ۾ اچي آباد ٿيا. 1945ع ۾ ھتان جو مشھور ميڊيڪل سينٽر کليو[10]. 1961ع ۾ ھتي ناسا جو جانسن اسپيس سينٽر قائم ٿيو[11] ۽ 1965ع ۾ انڊور راندين لاءِ ھڪ وڏو اسٽيڊيم تعمير ٿيو. ايئن ھي شھر جديد سھوليتن سان آراستہ ھڪ سکيو ستابو شھر بنجي ويو. 1997ع ۾ لي پي برائون (Lee P. Brown) ميئر چونڊيو جيڪو ھن شھر جو پھريون آفريقي آمريڪي ميئر ھو. سن 2000ع کان 2019ع تائين ھن شھر جي آدمشماريءَ ۾ 17 سيڪڙو واڌارو آيو. ٽيڪساس ميڊيڪل سينٽر ھاڻي دنيا جو وڏي ۾ وڏو ميڊيڪل سينٽر آھي جنھن ۾ 106000 ملازم ڪم ڪن ٿا. ايڪويھين صديءَ جي پھرئين ڏھاڪي ۾ ھتي ٽي نوان اسٽيڊيم تعمير ٿيا.
سامونڊي طوفان ۽ مينھن سبب ڪيترائي ڀيرا ھن شھر ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي آھي. 2001ع ۾ سامونڊي طوفان ايليسن (Allison) سبب 1000 ملي ميٽر (40 انچ) مينھن وسيو جنھن سبب شھر جا ڪيترائي رھائشي علائقا پاڻيءَ ھيٺ اچي ويا ۽ 20 ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا[12]. 1905ع ۾ جڏھن ڪترينا طوفان آمريڪا جو رخ ڪيو تہ نيو اورلينس (New Orleans) شھر جي ڏيڍ لک ماڻھن کي ھن شھر ۾ پناھ وٺڻي پئي[13]. انھيءَ کان ھڪ مھينو پوءِ سامونڊي طوفان ريٽا (Rita) جي خوف سبب ھن شھر جي اڍائي ملين رھواسين کي شھر خالي ڪرڻو پيو. آگسٽ 2017ع ۾ سامونڊي طوفان ھاروي ھوسٽن ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ 1300 ملي ميٽر (50 انچ) برسات آندي جنھن سبب ھوسٽن کي 125 بلين آمريڪي ڊالرن جو نقصان پھتو. ھيءَ آمريڪي تاريخ جي ھڪ وڏي قدرتي آفت ھئي جنھن ۾ 70 کان وڌيڪ ماڻھو پنھنجي جان وڃائي ويٺا[14].
جاگرافي
[سنواريو]ھوسٽن ٽيڪساس رياست جي گاديءُ واري شھر آسٽن (Austin) کان 266 ڪلوميٽر (165 ميل) اوڀر ۾ آباد آھي. ھي شھر لئيزيانا ( Louisiana) رياست کان 142 ڪلوميٽر (88 ميل) اولھ ۾، ۽ ڊالاس (Dallas) شھر جي ڏکڻ ۾ 400 ڪلوميٽر (250 ميل) پري واقع آھي. شھر جي ڪل پکيڙ 1651 چورس ڪلوميٽر (637.4 چورس ميل) آھي. انھيءَ پکيڙ ۾ 1552.9 چورس ڪلوميٽر(599.59 چورس ميل) خشڪي ۽ 58 چورس ڪلوميٽر (22.3 چورس ميل) پاڻيءَ وارا علائقا شامل آھن. شھر جو گھڻو حصو سامونڊي ڪناري جي ويجھو ميداني علائقي ۾ آباد آھي جڏھن تہ ھن جا اتريان علائقا بگ ٿڪيٽ (Big Thicket) نالي ھڪ ٻيلي سان وڃي ملن ٿا. شھر جو اڪثر علائقو جھنگلاتي ۽ دلدلي زمين تي مشتمل آھي. شھر جي آسپاس ھينئر بہ ساڳئي قسم جي زمين موجود آھي. شھر جو ڊائون ٽائون وارو علائقو سامونڊي مٿاڇري کان 15 ميٽر (50 فوٽ) مٿي آھي جڏھن تہ ھن جي اتر اولہ وارن علائقن جي سامونڊي سطح کان اوچائي 46 ميٽر (150 فوٽ) آھي. ھن شھر کي ٻوڏ جو خطرو بہ ھميشہ رھي ٿو.
آبھوا
[سنواريو]ھن شھر جي موسم ڪافي حد تائين گرم ۽ گھميل آھي. جيتوڻيڪ ھي شھر سامونڊي طوفانن واري علائقي کان ٻاھر آھي پر ڪڏھن ڪڏھن ھتي طوفان اچن ٿا. ميڪسيڪو نار ۽ گيلويسٽن بي واري پاسي کان اٿندڙ تيز ھوائون ھن شھر ۾ گرمي ۽ گھم آڻين ٿيون. اونھاري ۾ ھتي گرميءَ جو درجو 320C (900F) يا ان کان وڌيڪ ھوندو آھي. ھن شھر جو وڌ ۾ وڌ گرميءَ جو درجو 430C (1090F) چوٿين سيپٽمبر 2000ع ۽ 27 آگسٽ 2011ع تي رڪارڊ ڪيو ويو. سياري ۾ گھڻي ٿڌ نٿي پوي البت ڪڏھن ڪڏھن سرديءَ جي لھر اچي ٿي. جنوريءَ ۾ سراسري گرميءَ جو درجو (530F) 120C جي لڳڀڳ رھي ٿو. ھن شھر ۾ وڌ ۾ وڌ سردي 18 جنوري 1930ع تي پئي جڏھن ھتان جي گرميءَ جو درجو (50F) 150C- رڪارڊ ڪيو ويو. ھتي چڱي موچاري برسات پوي ٿي. 1981ع کان2010ع واري عرصي ۾ ھتي ھر سال سراسري طور تي 1260 ملي ميٽر (49.8 انچ) مينھن وسيو. مينھوڳيءَ واري مند ۾ شھر جي ڪجهه حصن ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي پوندي آھي. 2015ع کان 2017ع تائين ھر سال ھتي ٻوڏ آئي جنھن ڪري ڪافي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو. مينھن گھڻو ڪري اپريل کان آڪٽوبر وارن مھينن ۾ وسي ٿو.
معيشيت
[سنواريو]ھوسٽن جو شھرتوانائي خاص طور تي تيل ۽ گئس جي پيداوار ۾ سڄي دنيا ۾ مشھور آھي. ھوا (Wind) ۽ شمسي توانائي بہ ھتان جي ڏينھون ڏينھن وڌندڙ صنعت آھي. شھر جي انتظاميہ پنھنجي 1 ٽيرا واٽ اور (1TWh) بجليءَ جي 90 سيڪڙو گھرج ونڊ ۽ شمسي توانائيءِ مان پوري ڪري ٿي. بايوميڊيڪل ۽ ھوابازي بہ ھتان جون اھم صنعتون ليکيون وڃن ٿيون. شھر ۾ مختلف ٽيڪنالاجين جا مرڪز قائم آھن ۽ دنيا جي ڪجهه مشھور سافٽ ويئر ڪمپنين جون مرڪزي آفيسون بہ ھتي قائم آھن. ھوسٽن شپ چينل (Houston Ship Channel) بہ ھتان جي معيشيت جو ھڪ اھم ٿنڀو آھي. ھي شھر آمريڪي برآمدات جو ملڪ ۾ وڏي ۾ وڏو مرڪز آھي. ھتي تيل ڳولڻ ۽ تيل کي صاف ڪرڻ ۾ استعمال ٿيندڙ اوزارن ۽ پرزن ٺاھڻ جا وڏا وڏا ڪارخانا قائم آھن. ھتي نوڪريون ملڻ جا تمام گھڻا موقعا ھر وقت موجود آھن.
موجودھ شھر
[سنواريو]ٻي عالمگير جنگ کان پوءِ ھن شھر تيزيءَ سان ترقي ڪئي آھي. شھر ۾ ڪيتريون ئي آسمان سان ڳالھيون ڪندڙ گھڻماڙ خوبصورت عمارتون ٺھي ويون آھن جن ھن شھر جي سونھن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آھن. انھن عمارتن ۾ پينزوئل پليس (Pennzoil Place)، چيز ٽاور (Chase Tower) ۽ وليمس ٽاور (Williams Tower) ھتان جي بھترين عمارتن ۾ شمار ٿين ٿيون. ڊائون ٽائون جون اڪثر عمارتون زير زمين سرنگھن (Tunnels) وسيلي ھڪٻئي سان ڳنڍيون ويون آھن. اھي زير زمين ايئر ڪنڊيشنڊ سرنگھون پنڌ ھلڻ وارن جي سھولت لاءِ ٺاھيون ويون آھن تہ جيئن ھو ٽريفڪ جي ھجوم ۽ اونھاري جي تيز تپش کان بچندي آرام دھ ماحول ۾ پنھنجي منزل تائين پھچي سگھن.
ھن شھر ۾ ڀانت ڀانت جا ماڻھو رھن ٿا. اڌ کان ٿورو گھٽ آبادي يورپ کان آيل اڇي چمڙيءَ وارن ماڻھن جي آھي. اٽڪل ٽيون حصو آبادي اسپيني ۽ لاطيني نسلن سان واسطو رکي ٿي. چوٿون حصو آبادي آفريڪي آمريڪين (شيدين) جي آھي. ايشيائي ماڻھو بہ چڱي خاصي تعداد ۾ آباد آھن. ھوسٽن ۾ ريل، روڊ ۽ ھوائي سفر جون بھترين سھولتون موجود آھن. ھتي ٽي ھوائي اڏا قائم آھن. بش بين الاقوامي ھوائي آڏو (Bush International Airport) ۽ وليم پي ھابي ھوائي اڏو (William P. Airport) ھن شھر کي ھوائي جھازن وسيلي آمريڪا ۽ دنيا جي ٻين شھرن کي پاڻ ۾ ڳنڍين ٿا. ٽيون ھوائي اڏو ”ايلنگٽن ھوائي اڏو“ (Elligton Airport) سڏجي ٿو جيڪو فوجي جھازن ۽ ڪجهه ڪمرشل اڏامن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. ھتان جو بندرگاھ آمريڪا جي گڏيل رياستن جي مکيہ بندرگاھن جي فھرست ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.
ھتي ڪيترائي ڪاليج ۽ يونيورسٽيون قائم آھن جن ۾ رائيس يونيورسٽي (1891ع)، يونيورسٽِي آف ھوسٽن (1927ع)، ھوسٽن بيپٽسٽ يونيورسٽي (1960ع) ۽ ھوسٽن ڪميونٽي ڪاليج جا مختلف ڪئمپس شامل آھن. ٽيڪساس ميڊيڪل سينٽر (1945ع) جون ڪيتريون ئي ميڊيڪل اسپتالون ۽ ميڊيڪل ڪاليج شھر ۾ پکڙيل آھن.
ھوسٽن ۾ ماڻھن جي وندر ۽ ورونھن لاءِ ڪيترائي ادارا قائم آھن. ھتي ڪيريون ئي سئنيمائون، عجائٻ گھر، ٿيٽر، آرڪسٽرا جا مرڪز، آرٽ گئلريون، پارڪ، ڪنسرٽ ھال، راندين جا ميدان ۽ ٻيو دلچسپيءَ جو سامان موجود آھي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "U.S. Census Bureau QuickFacts: Houston city, Texas". www.census.gov. حاصل ڪيل 2021-12-21.
- ↑ "Explore Census Data". data.census.gov. حاصل ڪيل 2021-12-21.
- ↑ "Facts and Figures". web.archive.org. حاصل ڪيل 2021-12-22.
- ↑ 4.0 4.1 4.2 McComb D.G., Houston Tx, The Handbook of Texas, Texas State Historical Association. Available at https://www.tshaonline.org/handbook/entries/houston-tx
- ↑ Gray, Lisa. "Promise — and a few fibs — launched this city's destiny". Houston Chronicle. حاصل ڪيل 2021-12-22.
- ↑ Layman, George J. "Karankawas were among the First Texas Indians Encountered by Europeans". HistoryNet. حاصل ڪيل 2021-12-22.
- ↑ "<sc>david g. mccomb</sc>. <italic>Galveston: A History</italic>. Austin: University of Texas Press. 1986. Pp. 267. Cloth $28.50, paper $12.95". The American Historical Review. 1987-10. doi: . ISSN 1937-5239. http://dx.doi.org/10.1086/ahr/92.4.1042.
- ↑ January 2017 9, Michael Hardy. "Blood and Sugar". Texas Monthly. حاصل ڪيل 2021-12-22.
- ↑ Perry J., The City Savvy, Born of the Bayou: City's Murky Start. Available at https://web.archive.org/web/20111218055155/http://www.houstontx.gov/savvy/archives/sum06/sum06_heritage.htm
- ↑ "Houston Institute for Culture - Houston Timeline". web.archive.org. حاصل ڪيل 2021-12-22.
- ↑ "NASA - Johnson Space Center History". historycollection.jsc.nasa.gov. حاصل ڪيل 2021-12-22.
- ↑ "Latest News". www.redcross.org. حاصل ڪيل 2021-12-22.
- ↑ "Recovery Beginning in Areas Affected by Hurricane Rita". web.archive.org. حاصل ڪيل 2021-12-22.
- ↑ Isidore, Chris. "Harvey certain to be one of the most expensive natural disasters ever". CNNMoney. حاصل ڪيل 2021-12-22.